حال ڌاڳا

حال ڌاڳا: ’حال ڌاڳا‘ فقيري ويس کي چوندا آهن، ڪنهن فقير يا درويش جو فقيراڻو سامان، جنهن ۾ ڪنٺا، ڪولابا، ڪشتو، ڪُندري، گودڙي، پڳ، فقيراڻو ويس وغيره اچي وڃن ٿا، تن کي ’حال ڌاڳا‘ چئبو آهي. شاهه لطيف جو سجاده نشين، شاهه صاحب جي جنم ڏينهن تي سندس سنڀالي رکيل ويس (پڳ ۽ قميص وغيره) پهريندو آهي، ان کي به ’حال ڌاڳا‘ سڏيندا آهن.


لفظ حال ڌاڳاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو